اسلام آباد-22 نومبر (اي پي پي)صدر مملڪت جي گهر واري بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته ڇاتيءَ جو ڪينسر لاعلاج مرض ناهي ۽ ان جي وقت تي سُڃاڻپ، علاج ۽ ڌيان سان شڪست ڏئي سگهجي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار علامه اقبال ا??پن يوينورسٽيءَ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي شرح ۾ هر سال ڳڻتي جوڳي حد تائين اضافو ٿي رهيو آهي ۽ ان جو وڏو ڪارڻ ماڻهن ۾ ان مرض بابت آگاهي نه هئڻ آهي. هن چيو ته پنهنجي روزمره معمول ۾ اسان ڪم سان گڏ صحت کي نظرانداز ڪريون ٿا جنهن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، سڀني لاءِ منهنجو پيغام اهو آهي ته مهيني ۾ هڪ ڀيرو چيڪ اپ ضرور ڪرايو وڃي. هن چيو ته بيمارين بابت آگاهي ۽ بچاءَ لاءِ قومي سطح تي خاص ڪري ڏورانهن علائقن ۾ ڪميونٽي بيسڊ هيلٿ ايجوڪيشن، سيمينارز ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي ڊين فيڪلٽي آف سائنس، پروفيسر ڊاڪٽر ارشاد احمد ارشد سيمينار جي صدارت ڪئي جڏهن ته پا??ستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جي شعبي ريڊيالوجي جي سربراهه عائشه عيساڻي به سيمينار کي خطاب ڪيو. ڊاڪٽر عائشه عيسا??ي چيو ته دنيا ۾ عورتن ۾ موت ج?? سڀ کان وڏو سبب ڇاتي جو ڪينسر آهي ۽ پا??ستان ۾ هر 9 عورتن مان هڪ عورت ان مرض ۾ مبتلا آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڇاتي جي ڪينسر جي روڪٿام لاءِ هنگامي قدم اڻٽر آهن. ڊاڪٽر ارشاد احمد ارشد چيو ته هڪ قومي يونيورسٽي هئڻ جي ناطي علامه اقبال ا??پن يونيورسٽي ان قومي بريسٽ ڪينسر آگاهي مهم ۾ مثالي ڪردار ادا ڪندي.
متعلقہ مضامین
-
میڈ منی کوسٹر سرکاری تفریحی داخلی راستہ
-
Pakistan worlds 10th largest weapons importer in 2015
-
Punjab govt reschedules school timings amid surge in temperature
-
Illegal billboards in Karachi Cantonment property of army, SC informed
-
Group hacks NGT website, claims revenge for India’s surgical strikes
-
Pakistani hiking sensation passes away
-
اعلی اور کم کارڈز کا سرکاری ڈاؤن لوڈ داخلہ مکمل گائیڈ
-
مٹر پاری معروف بیٹنگ سائٹ کی خصوصیات اور فوائد
-
انتہائی پرکشش اور قابل اعتماد تفریحی لنکس کے بہترین ذرائع
-
جیادوباو الیکٹرانک تفریح: ایک قابل اعتماد ویب سائٹ کا تعارف
-
پی ٹی الیکٹرانک ایپ اور ویب سائٹ: تفریح کا جدید پلیٹ فارم
-
لائٹننگ روایٹ ایپ گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ