اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشمير تي پاڪستان جي سياسي قيادت متفق راءِ رکي ٿي، پوري پاڪستاني قوم ڀارت جي قدم جي مذمت ڪندي ڪشميرين س??ن يڪجهتي جو ڀرپور اظهار ڪيو، ڀارت هاڻي انڊيا بدران هنديا بڻجي چڪو آهي، جيڪا گانڌي ۽ نهرو جي فلسفي جي نفي آهي، ڪشميرين جي دل ??ارت کان تنگ ٿي چڪا آ??ن، اهي شڪست کائي چڪا آ??ن، خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائ??ن ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهيون، ڪشمير انشاءَالله آزاد ٿيندو ۽ پاڪستان جو حصو بڻجندو. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڪشمير تي خاص سيشن منعقد ڪرڻ خوش آئنده آهي، اهو خوش آئنده آهي ته ڪشمير تي سياسي قيادت متفق راءِ رکي ٿي، مخالف ڌر جا ٿورا مڃان ٿو جنهن فهم ۽ فراست ۽ دورانديشي جو مظاهرو ڪيو ۽ سياست کان ڪشمير مسئلي کي مٿانهون رکيو ۽ تنقيد ۾ به تعمير جو پهلو آهي جنهن جو مقصد بهتر طريقي سان ان معاملي تي اڳڀرائي ڪرڻ آهي، اڄ پوري پاڪستاني قوم جا ٿورا مڃان ٿو جنهن ڪشمير ڪاز س??ن يڪجهتي جو اظهار ڪيو. سڄي ملڪ ۾ ڀارت جي 5 آگسٽ جي قدم جي مذمت ڪئي وئي آهي، ننڍن ننڍن ڳوٺن سميت ٿر ۾ به سوين ماڻهو ڀارت جي مذمت ۾ نڪتا آ??ن، نه رڳو اندرون پر ٻاهرئين ملڪ به پروگرام منعقد ڪيا ويا آ??ن، پاڪستاني سفارتخانن ۽ مشنز کي متحرڪ ڪيو ويو آهي، ڀارت 5 آگسٽ تي وڏي حماقت جو مظاهرو ڪيو ان جي قدم سان سڄي دنيا ۾ اهو مسئلو اجاگر ٿيو، ڀارت جي قدم جي خلاف سڄي دنيا جي ميڊيا ۾ مضمون شايع ٿيا، پاڪستاني قوم 5 آگسٽ جي ڀارتي قدم کي رد ڪري ڇڏيو آهي، مظفرآباد ۾ سمورين سياسي پارٽين وزيراعظم س??ن يڪجهتي جو پيغام ڏنو آهي، ڀارت جي اندران تنقيدي آواز اٿي رهيا آ??ن، مودي جي پاليسي کي پاڻ ڀارت جي اندر ناڪام چيو پيو وڃي، ڀارت هاڻي انڊيا مان هنديا بڻجي چڪو آهي، اها گانڌي ۽ نهرو جي فلسفي جي نفي آهي، مودي بابري مسجد جي جڳهه تي رام مندر جو بنياد رکي رهيو آهي، آئون اميد ڪريان ٿو ته پوري مسلمان امت ان جي مذمت ڪندي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لاڪ ڊائون ۽ ڪرفيو کي هڪ سال گذري ويو، اڄ به انساني حق معطل آهن، ميڊيا تي پابنديون آهن، عالمي ادارن کي داخلا جي اجازت نه آهي، نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، ڀارت شڪست کائي چڪو آهي، ڪشميرين جا دل ??ارت کان تنگ ٿي چڪا آ??ن، اسان ٻيهر سلامتي ڪائونسل ۾ اهو مسئلو اٿاري رهيا آ??يون، پاڪستان جي نئين نقشي کي سڀني متفقه طور تي منظور ڪيو آهي، ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ تائين انهن سان گڏ بيٺل آهيون، ڪشمير انشاءَ الله آزاد ٿيندو ۽ پاڪستان بڻجندو.
متعلقہ مضامین
-
BSP کارڈ گیم تفریحی پلیٹ فارم کا سرکاری داخلہ
-
ایم جی الیکٹرانکس آفیشل انٹرٹینمنٹ اے پی پی کا تعارف اور خصوصیات
-
ٹی پی کارڈ گیم آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کا تعارف اور خصوصیات
-
انسٹنٹ میسجنگ اسپورٹس گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ اور خصوصیات
-
الیکٹرانک پی پی انٹیگریٹی اور انٹرٹینمنٹ لنک کی اہمیت
-
مٹر پاری معروف بیٹنگ سائٹ کی خصوصیات اور فوائد
-
بی ایس پی کارڈ گیم کی معروف بیٹنگ ویب سائٹ کی خصوصیات اور فوائد
-
سلاٹ مشین آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ: ایک مکمل گائیڈ
-
ڈریگن ہیچنگ 2 آفیشل گیم پلیٹ فارم: ایک نیا دور کا آغاز
-
Money Tree ایپ ڈاؤن لوڈ کرنے کا آسان طریقہ اور فوائد
-
لیوٹھین رولیٹ ایپ گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ کا بہترین تجربہ
-
Lottery City ایپ ڈاؤن لوڈ کا دروازہ