اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اي??دڙ نسلن کي منشيات جي لعنت کان بچائڻ ۽ ان جي غير قانوني واپار?? کي روڪڻ لاءِ سمورن علائقائي ملڪن کي گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون، ان حوالي سان حڪومت پاڪستان جون ترجيحون واضح آهن، اسان منشيات جي ضبطي ۽ سرحدن جي نگراني جي موثر نظام جي ذريعي منشيات جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ پهرين صف جي ملڪن ۾ شامل آهيون، منشيات جي استعمال ۽ اسمگلنگ جي خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته منشيات جي خاتمي وارو عالمي ڏينهن هر سال 26 جون تي عالمي اڳواڻن، عالمي برادري، عالمي اتحاد ۽ انجمن سميت سڀني لاءِ هڪ يادگيري جي ڏينهن جي طور تي ملهايو ويندو آهي، اهو ڏينهن ان ڳالهه جي گهر ڪري ٿو ته اسان گڏيل ڪوششن سان منشيات جي غير قانوني واپا?? کي روڪڻ لاءِ پنهنجون گڏيل ذميداريون ادا ڪريون. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان منشيات جي اسمگلنگ جي خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ڇو ته ان سان عوام جي صحت کي سخت خطرا درپيش آهن، منشيات جي استعمال ۽ ان جي غير قانوني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ موثر قدم حڪومت پاڪستان جي اولين ترجيح آهن.
متعلقہ مضامین
-
جیا الیکٹرانکس کا آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ گائیڈ
-
SC nullifies appointments and absorptions made by IHC CJ
-
Uber announces VIP service for regular users
-
Govt decides to invite Chinese investment in oil, gas sector
-
Electronic Probe Entertainment سرکاری داخلہ
-
الیکٹرانک سٹی آفیشل ڈاؤن لوڈ کی مکمل رہنمائی
-
گولڈن جیمز آفیشل ڈاؤن لوڈ کا مکمل طریقہ کار
-
جیک پاٹ سلاٹ مشین آفیشل ڈاؤن لوڈ گیٹ وے کی مکمل رہنمائی
-
ڈائس گیمنگ پلیٹ فارمز: اعلی اور کم سالمیت کے درمیان تفریح کا انتخاب
-
ریسٹورانٹ کریز آفیشل ڈاؤن لوڈ کی اہمیت اور تفصیلات
-
ہائی اور لو کارڈز آفیشل ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ کی مکمل رہنمائی
-
Money Tree ایپ ڈاؤن لوڈ کریں اور پیسے بچائیں